Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

ڄاڻيندا هئا. غور ڪريو ته صرف هڪ صدي جي تاريخ لکڻ لاءِ سوين صفحا لڳندا آهن. علّامه ذَهۡبي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪتاب آهي: تاريخُ الاسلام. هن ۾ پاڻ     رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه صِرۡف 7 صدين جي اَهَم اَهَم واقعن کي ذڪر ڪيو آهي. 15 جلدن جي ڪتاب آهي ۽ هڪ هڪ جلد جا صفحا 500 کان وڌيڪ آهن. ڪو پڙهڻ ۾ چاهي ڪيترو ئي ماهر هجي، ان 7 صدين جي تاريخ کي هڪ ڏينهن ۾ پڙهي نه سگهندو پر قربان وڃو! هي ڪلام مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان آهي، قيامت تائين اچڻ وارين ڪيئي صدين جون خبرون... اهي به صرف اهم اهم واقعا نه بلڪ تفصيلي خبرون پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صرف هڪ ڏينهن ۾ ارشاد فرمايون. هي آهي جَوامِعُ الڪَلِم جي شان...!! انهيءَ ڪري ته اسان چوندا آهيون.

میں نثار تیرے کلام پر، ملی یُوں تو کس کو زَباں نہیں

وہ سُخن ہے جس میں سُخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں([1])

 هڪ سبق ڏيندڙ حديث شريف

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سڀئي ارشاد بي مثال ۽ باڪمال آهن، هر حديث جي هڪ هڪ لفظ ۾ علم ۽ حڪمت جا دريا وهن ٿا. هن وقت رڳو پنهنجي نصيحت لاءِ هڪ حديث پاڪ ٻڌايان ٿو. حضرت واثله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ روايت ڪن ٿا ته رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم    فرمايو: خَیْرُ شَبَابِکُمْ مَنْ تَشَبَّہَ بِکُہُوْلِکُمْ توهان مان بھترين جوان اُهو آهي جيڪو پوڙهن سان مشابهت رکندو هجي. وَشَرُّ کُہُوْلِکُمْ مَنْ تَشَبَّہَ بِشَبَابِکُمْ ۽ توهان مان بدترين پوڙهو اُهو آهي جيڪو نوجوانن سان مشابهت رکندو هجي. ([2])


 

 



[1]... حدائق بخشش،صفحہ:107 ۔

[2]... مسندِ ابی یعلی، جلد:5، صفحہ:462، حدیث:7483۔