Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [1]

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس   * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس      * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  هنن ڪلمن(لفظن) جي گھرائي ته سمنڊ جهڙي آهي

 هڪ صحابي ٿي گذريا آهن: حضرت ضِمَاد بن ثَعْلَبَہ اَزْدِي رَضِيَ اللہُ عنہ. سندن ابتداءِ اسلام ۾ ئي ايمان قبول ڪري ورتو هو بلڪه سندن اهي خوش قسمت آهن جو پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اعلانِ نبوت اڃان نه فرمايو هو ان کان اڳ ۾ به  پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اهي دوست هئا. [2]

حضرت ضِمَاد بن ثَعْلَبَہ اَزْدِي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ طبيب (ڊاڪٽر) هئا ۽ اُن دور جي طور طريقن مطابق دم وغيره ڪندا هئا. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ يمن ۾ رهندا هئا ۽ اُتي ئي ماڻهن جو علاج ڪندا هئا. سندن اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو تمام دلچسپ آهي. اچو! ٻڌون ٿا: ([3]  


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔

[2] استیعاب، جلد:4، صفحہ:457۔

[3]... الاستیعاب، جلد:2، صفحہ:303۔