Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
باتوں سے ٹپکتی لذّت ہے، آنکھوں سے برستی رحمت ہے
خطبے سے چمکتی ہیبت ہے اے شاہِ رسالت کیا کہنا...!! ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي غور ڪرڻ جي هڪ ڳالهه آهي. ڪلام ڇا کي چوندا آهن؟ اسان جي سيني ۾ ڦڦڙن جي اندر هوا هوندي آهي، جڏهن اسان ڳالهائڻ جو ارادو ڪندا آهيون ته اها هوا اُتان اُٿندي آهي، ڳلي ۾ پهچندي آهي، پوءِ وات جي مختلف حصن سان ٽڪرائيندي آهي، اسان پنهنجي زبان سان ان هوا کي ڪنٽرول ڪندا آهيون. اسان زبان کي جنهن رخ ۾ موڙيندا آهيون، اُها هوا اُتي ٽڪرائي لفظن جي صورت اختيار ڪندي آهي ۽ چپن جي رستي ٻاهر نڪرندي آهي، يعني هي جيڪي اسان جا لفظ آهن، اهي سيني مان اُٿندڙ اُن هوا مان ٺهندا آهن، لفظن جو جيڪو فرق آهي، هي مخارج جي ذريعي هوندو آهي.
* جيڪڏهن اها هوا حلق جي هيٺئين حصي کان ٽڪرائي نڪري ته همزه بڻجي ويندو آهي. * حلق جي وچئين حصي کان ٽڪرائي نڪري ته عين بڻجي ويندو آهي. * زبان جي پاڙ ۽ تارون جي سخت حصي کان ٽڪرائي نڪري ته ڪاف بڻجي ويندو آهي.* ٻنهي چپن جي نرم حصي کان ٽڪرائي نڪري ته باء بڻجي ويندو آهي.* مطلب ته اها اصل ۾ سيني مان اُٿندڙ هوا آهي، انهيءَ مان لفظ ٺهندا آهن، انهيءَ مان جملا بڻجندا آهن ۽ انهيءَ مان ڪلام ٺهندو آهي.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي، جڏهن نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّي اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمَ جي سيني مبارڪ مان اُٿندڙ اها مقدّس هوا، جڏهن زبان مبارڪ جي ذريعي ڪلام