Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ جملا هوندا آهن، جن کي اسين تڪيه ڪلام چوندا آهيون. يعني اهي اهڙا جملا هوندا آهن، جيڪي ڳالهائيندي اسان انهن جي معنٰي مراد ناهيون وٺندا، انهن جي معنيٰ جي طرف اسان جي توجهه ئي ناهي هوندي، بس رڳو گفتگو جي دوران ڳالهائيندا آهيون، جيئن مائرن جي عادت هوندي آهي ته چونديون آهن: تنهنجو ستياناس ٿي وڃي. تنهنجو ٻيڙو پار ٿي وڃي. هاڻي ستياناس ڇا ٿيندو آهي ۽ ناس ڇا کي چوندا آهن، اهو پاڻ چوڻ وارن کي به خبر ناهي هوندي، ٻيڙو پار ٿيڻ ڇا کي چئبو آهي، شايد ان تي ڌيان ناهي هوندو، بس رڳو ڳالهائڻ جي طور تي چئي ڇڏيندا آهن.
اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان مبارڪ اهڙي آهي جو رڳو تڪيه ڪلام طور به جيڪو ارشاد فرمائيندا آهن، اهو به حق ٿي ويندو آهي. فقيه العصر (يعني زماني جا وڏا عالم) مفتي اَمين صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هڪ عالم صاحب هو، جيڪو بيمار ٿي ويو. گهڻو علاج ڪرايو پر...!!
دَرْد بڑھتا گیا، جُوں جُوں دَوا کی
اُن جو مرض وڌندو ئي ويو، وڌندو ئي ويو، ايستائين جو بستري سان لڳي ويا. هڪ ڏينهن انهن جي قسمت جاڳي، سُتل هئا، خواب ۾ بيمار دلين جا چين، ناناءِ حسنين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي آيا. علماء ته علماء هوندا آهن، ڪهڙي به حالت هجي، علم جا اڃايل ئي رهندا آهن. ان عالم صاحب جي خواب ۾ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا ته هن خواب ۾ به علم ئي جي ڳالهه پڇي. ڪنهن حديث شريف متعلق عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اها حديث ائين آهي (جيئن مان عرض ڪري رهيو آهيان)؟