Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
* تڏهن به حق ڳالهائيندا آهن. * خوشي جي ڪيفيت ۾ هجن تڏهن به حق ئي فرمائيندا آهن مطلب ته ڪنهن به ڪيفيت ۾ هن زبان مبارڪ مان ڪڏهن غلط ڳالھ ته پري جي ڳالھ آهي، هڪ غلط حرف به ڪڏهن ادا ناهي ٿيو.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي شان بيان ڪندي فرمائي ٿو:
وَ مَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰىؕ(۳) اِنْ هُوَ اِلَّا وَحْیٌ یُّوْحٰىۙ(۴) (پارہ:27، سورۂ نَجْم :3 ، 4)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهو ڪا ڳالهه پنهنجي خواهش سان نه ٿو چوي . اها وحي ئي هوندي آهي جيڪا ان ڏي ڪئي ويندي آهي.
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا:
1. پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فَنا فِي الله جي اُن بلند ترين درجي تي پهتل آهن جو جيڪا به ڳالهه سندن زبان مبارڪ مان نڪرندي آهي ته زبان محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي هوندي آهي، پر ڪلام ربِ رحمٰن جو هوندو آهي، يعني ڪلام رَبّ وَاحِد لاشَرِیْک جو آهي پر جاري هن پاڪ زبان کان ٿي رهيو آهي.
2. ٻيو مطلب اهو آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي زبان مبارڪ تي جيڪا به ڳالهه جاري ٿئي، ان جون ٻه ئي صورتون ٿينديون: پهرين صورت اها آهي ته اهو ڪلام رب جو مقدس قرآن هوندو ٻي صورت اها آهي ته اها حديث سڏبي ۽ اهي ٻئي الله پاڪ جي طرف کان وحي آهن. قرآن کي وحيِ