Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
ڏکيائي ٿي رهي هئي. رحم ۽ ڪرم فرمائڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن اهو ڏٺو ته مون کي فرمايو: پنهنجي چادر وڇايو! مون چادر وڇائي. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي فرمايو: سڀئي پنهنجو سامان هن چادر تي رکو! سڀني سامان رکي ڇڏيو. هاڻي اهو سڄو سامان چادر ۾ ٻڌي مون تي رکيو ويو، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِحْمِلْ، فَاِنَّمَا اَنْتَ سَفِينَةُ هن کي کڻو، بيشڪ تون سفينه (يعني ٻيڙي) آهين. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ان واقعي کان بعد حضرت سَفِیْنَہ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اها حالت هئي جو هڪ اُٺ جو بار اڪيلا کڻي وٺندا ها[1].
وہ زباں جس کو سب کُن کی کنجی کہیں اس کی نافذ حکومت پہ لاکھوں سلام[2]
هڪ دفعي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان گڏ ڪٿي وڃي رهيا هئا. رستي ۾ هڪ جاءِ تي هڪ کوهه آيو، جنهن جو پاڻي ڪؤڙو هو. حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: ان جو نالو ڇا آهي؟ چيو ويو: ان جو نالو بَيۡسَان آهي. حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بَلْ ہُوَ نُعْمَانُ نه...!! بلڪه اهو نعمان آهي.
روايت ۾ آهي ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ مان اهو نالو نڪرڻ جي دير هئي، اهو کوهه جنهن جو پاڻي پهريان ڪؤڙو هو، نالو بدلجڻ سان مٺو ٿي ويو.[3]
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ڪلامِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اثر...!! جيڪو فرمائيندا آهن، اهو ئي ٿي ويندو آهي.