Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

اُن وات مبارڪ تي لکين سلام

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ ڪلام جي به ڪهڙي نرالي شان آهي...!! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي کان پيرن تائين معجزو ئي معجزو آهن. * هٿ مبارڪ به معجزو * اک مبارڪ به معجزو * نڪ مبارڪ به معجزو * ۽ قربان وڃان! * ان دهَن مبارڪ(يعني وات جو اندروني حصو) به معجزو ئي معجزو آهي. * ان دهَن(وات) مبارڪ مان ٺهندڙ لعاب شريف (يعني ٿڪ مبارڪ) جيڪڏهن کاري (نمڪين) کُوھ ۾ پئجي وڃي ته ان کي مٺو ڪري ڇڏيندي آهي. * نڪتل اک تي لڳي ته اک به ٺيڪ ٿي ويندي آهي ۽ اڳ کان وڌيڪ روشن به ٿي ويندي آهي * ٽٽل ٻانهن تي لڳي ته ٻانهن جُڙي ويندي آهي. * ڪنهن جي وات ۾ هلي وڃي ته سڀ خراب عادتن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي. * ۽ ان دهَن(وات) مقدس مان نڪرندڙ لفظن جي اها تاثير آهي ته اهي ڪنن جي رستي دل ۾ لهي وڃن ٿا ۽ دل جي سموري ڪَٽ کي ختم ڪري دل کي روشن ۽ چمڪدار ڪري ڇڏين ٿا.

مِنۡبَر شريف جُھومڻ لڳو

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ضماد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيئرا جاڳندا انسان هئا. * انهن ۾ روح  به هو، * ساهه به هلي رهيا هئا، * صرف دل مرده هئي. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي پاڪ ڪلام جي تاثير سان انهن جي دل زندھ ٿي وئي...!!
پر ياد رکو ته هي پاڪ ڪلام صرف مرده دلين کي ئي زندھ نه ٿو ڪري بلڪ بي جان شين ۾ به جان وجهي ڇڏي ٿو.