Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
۾ لڳل هجي * مطلب ته گناهن وارن ۽ فضول ڪمن ۾ زندگي گذاري رهيو هجي ته اسان ڏسي ڪري ڇا چوندا آهيون؟ عام طور تي اهو ئي چيو ويندو آهي: بابا! پوڙها ٿي ويا آهيو، خيال ڪيو! هاڻي الله الله ڪرڻ جي عمر آهي. يعني اسان جي ذهنن ۾ هي ڳالھ ڄميل آهي ته جيڪو پوڙهو آهي ان کي گهرجي ته اهو * الله الله ڪري * نمازون پڙهي * ڏاڙهي وڌائي * نيڪين ۾ جلدي ڪري *خوب عبادت ڪري * حج تي وڃي* عمرو ڪري * دنيا جي رنگينن کان منهن موڙي * الله ۽ رسول جي يادُن ۾ گُم رهي * هاڻي پوڙهو ٿي ويو، هاڻي بس پنهنجي آخرت جي تياري ڪري * دنياداري کان جيترو ٿي سگهي پري رهي. * هي پوڙهائپ جي متعلق اسان جا تصورات آهن، رسول ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خَیْرُ شَبَابِکُمْ مَنْ تَشَبَّہَ بِکُہُوْلِکُمْ يعني هي تصّورات جيڪي پوڙهن جي متعلق رکيا ويندا آهن، بهترين نوجوان اهو آهي، جيڪو پنهنجي جواني ئي ۾ اهڙن ڪمن ۾ لڳي ويندو آهي.
هي جواني گذارڻ جو سبق آهي. پوڙهائپ ڪيئن گذارڻي آهي؟ فرمايائون: وَ شَرُّ کُہُوْلِکُمْ مَنْ تَشَبَّہَ بِشَبَابِکُمْ توهان مان بدترين پوڙهو اهو آهي جيڪو پنهنجي پوڙهائپ ۾ به نوجوانن وانگر مشابهت اختيار ڪري ٿو. ([1])
اسان جي معاشري ۾ عام طور نوجواني جي باري ۾ ڪهڙا خيال آهن؟ دنيادار قسم جا، غافل نوجوان زندگي ڪيئن گذريندا آهن؟ * انهن کي سينگار مان فرصت ئي ناهي ملندي * غفلتن ۾ زندگي گذاريندا آهن * نماز طرف ناهن ايندا * غلط ۽ بي حيائي واريون حرڪتون ڪندا * گهٽين ۾ گهمندا رهندا * فلمون ۽ ڊراما ڏسندا * فحش ڳالهيون ڪندا * عشقِ مجازي ۾ ڦاسندا