Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

*نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ رب جي رضا آهي، پر اسان شرمايون ٿا. * اذان ڏيڻ ۾ رب جي رضا آهي، پر اسان شرمايون ٿا. * درس ڏيڻ ۾ رب جي رضا آهي پر اسان کان نٿو ڏنو وڃي، جهجڪ ٿئي ٿي. ٻئي طرف ڏسو! جن ڳالهين ۾ الله پاڪ جي ناراضگي آهي، اهي ڳالهيون ماڻهو انتهائي بي حيائي سان ڪري رهيا هوندا آهن. * فحش ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، * گاريون ڏنيون وينديون آهن، * غيبتون ۽ چغليون ڪيون وينديون آهن، * الزام تراشيون به ٿين ٿيون، * وڏي دليري سان ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو. افسوس! اهي گناهن ڀريون ڳالهيون ڪندي ماڻهن کي شرم نٿو اچي.

اللہ ہمیں کر دے عطا قُفلِ مدینہ                                                                                  ہر ایک مسلماں لے لگا قفلِ مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حشر پھنسا دے                                 اللہ زَباں کا  ہو  عطا قفلِ مدینہ

بڑھتا ہے خَموشی سے وقار اے مرے پیارے                                 اے بھائی! زَباں پر تُو لگا قفلِ مدینہ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

هڪ عظيم سنّت

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ به پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت مبارڪ آهي ته سندن فضول ڪا به ڳالهه نه فرمائيندا هئا، جيڪو ڪجهه فرمائيندا هئا، اهو معنيٰ خيز هوندو هو ۽ حڪمت سان ڀرپور هوندو هو. ان ڪري اسان کي به گهرجي ته هن سنت تي عمل ڪريون، زبان جي حفاظت ڪريون، هميشه سٺيون ڳالهيون ڪيون ۽ فضول ۽ گناهن سان ڀريل ڳالهين کان هر وقت بچندا رهون.


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:96۔