Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنّتون ۽ آداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي ڏسو ته ان کي دنيا کان بي رغبتي ۽ گهٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي وئي آهي ته ان جي قربت ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته ان کي حڪمت ڏني ويندي آهي.[2]
اي عاشقانِ رسول! مسڪرائي ڪري ۽ خوش مزاجي سان ڳالھ ٻولھ ڪريو * مسلمانن جي دلداري جي نيّت سان ننڍن سان شفقت ڀريو ۽ وڏن سان ادب وارو انداز رکو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو ۽ ننڍا وڏا سڀ توهان جي عزت ڪندا * رڙيون ڪري ڳالهائڻ سنّت ناهي * چڱي چڱي نيّتن سان ننڍن ٻارن سان به اوهان جناب سان ڳالهائڻ جي عادت بڻايو، توهان جا اخلاق به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عمده ٿيندا ۽ ٻار به آداب سکندا. * ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت پردي جي جڳھ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين جي ذريعي جسم جي ميراڻ لاهڻ، ٻين جي سامهون باربار نڪ کي هٿ لائڻ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪندي رهڻ چڱي ڳالھ ناهي، ان سان ٻين کي نفرت ٿيندي آهي *جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي، اطمينان سان ٻڌو. ان جي ڳالھ ڪٽي ڪري پنهنجي ڳالھ شروع ڪري ڇڏڻ سنّت ناهي * ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت بلڪ ڪهڙيءَ به حالت ۾ ٽهڪ نه لڳايو جو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪُ نه ڏنو *بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر