Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
نٿا سگهون.
اے رضا خُود صاحِبِ قرآں ہے مدّاحِ حُضُور
تجھ سے کب ممکن ہے پِھر مدحت رسول اللہ کی
بس الله پاڪ اسان کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سچّي پڪي غلامي سچو عشق ۽ سنتن جو ديوانو بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس عطار قادري دامت
برڪاتهم العاليہ جو هڪ نهايت ئي پيارو ڪتاب آهي: گفتگو
جا آداب. هي ڪتاب فيضان سنت جلد 3 جو هڪ حصو آهي.* اسان جي پياري آقا
صَلَّي اللهُ
عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جي گفتگو
ڪرڻ جو انداز ڪيئن هوندو هو؟ * گفتگوءَ سان لاڳاپيل سنتون ڪهڙيون آهن؟ * ان جا آداب ڇا آهن؟ * زبان جو صحيح استعمال ڪيئن ڪرڻو
آهي؟
* ان جي غلط استعمال جا نقصان ڪهڙا ڪهڙا هوندا آهن؟ وغيره ۽ ٻي کوڙ
ديني معلومات هن ۾ شامل آهي.
هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه تان حاصل ڪريو يا دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري پڙهو! پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ضرور ترغيب ڏياريو!
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي احڪامن، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت جي مطابق زندگي گذارڻ، شفاعتِ مطصفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو حقدار بڻائڻ وارن ڪمن جو جذبو ماڻڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني