Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

هن زَبان مان سدائين حق ئي نڪرندو آهي

 ابوداؤد شريف حديثِ پاڪ جي مشهور ۽ معتبر ڪتاب آهي. هن ۾ هڪ حديثِ پاڪ آهي، صحابيِ رسول حضرت عبدالله بن عَمۡرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: منهنجي عادت هوندي هئي ته پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان جيڪي ڪجهه ٻڌندو هئس، اُن کي لکي ڇڏيندو هئس. قريشن مان ڪجهه ماڻهو مون کي چوڻ لڳا ته: اي عبدالله! انسان جون ڪيفيتون بدلجنديون رهنديون آهن، ڪڏهن ماڻهو ڪاوڙ ۾ هوندو آهي، * ڪڏهن خوشيءَ ۾ تنهنڪري  پاڻ         صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي هر ڳالهه نه لکندا ڪيو.! فرمائن ٿا: هي ٻڌي ڪري مون لکڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ مون هي سمورو معاملو رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پنهنجي مبارڪ آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو: اُکْتُبْ يعني اي عبدالله! منهنجي هر ڳالهه لکندو ڪر! ‌فَوَالَّذِيْ ‌نَفْسِيْ ‌بِيَدِهِ، ‌مَا ‌يَخْرُجُ ‌مِنْهُ اِلَّا ‌حَقٌّ قسم آهي اُن ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي..! هن زبان مان سواءِ حق جي ڪجهه به نٿو نڪري. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي مبارڪ ڪلام جي ڪهڙي نرالي شان آهي! هڪ اسان جهڙا بيڪار ماڻهو آهن * جڏهن غصي ۾ هوندا آهيون ته هر طرح جون ڳالھيون ڪندا آهيون، * خوشيءَ ۾ هوندا آهيون ته ٻڌڻ واري کي خبر ئي ناهي پوندي ته ڳالهائي ڇا رهيا آهيون، *ڪنهن جي تعريف ڪرڻ تي اچون ته ڪوڙا مبالغه ڪري وڌائي سڌائي تعريفون ڪندا آهيون، * ڪنهن جي برائي ڪرڻ تي اچون ته ڪوڙا الزام لڳائيندا آهيون، پر قربان وڃون! اهو اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو مبارڪ ڪلام آهي* جلال واري حالت ۾ هجن.      


 

 



[1]... ابوداؤد، کتاب العلم ،  باب کتابۃ العلم، صفحہ:578، حدیث:3646۔