Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
تحريڪ دعوتِ اِسلامي سان هردم وابسته رهو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب خوب حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس به آهي.
مسجد ۾ علمِ دين سکڻ سنتِ مصطفيٰ آهي: اسان جا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مسجدِ نبوي ۾ علمِ دين سيکاريندا هئا ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهم سکندا هئا[1] وڏن وڏن ولِيَن ۽ عالِمن سڳورن جو هي طريقو رهيو آهي.
الحمد لله! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن نيڪ ڪم جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسجد ۾ درس ڏيڻ جو اهتمام ڪندا آهن. * اوهان به هن ۾ شرڪت ڪندا ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * اوتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گَهران ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري هلنداسين ته راھِ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقات ايستائين جو دريا جون مَڇون به دعا ڪنديون. اچو! اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو. جيئن ته
ڪراچيءَ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: هڪ ڀيري مان مغرب جي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ويس، نماز کان پوءِ ڏٺم ته هڪ اسلامي ڀاءُ ڪنهن ڪتاب مان درس ڏئي رهيو آهي. مان به ويهي درس ٻڌڻ لڳس. جڏهن ڪتاب تي نظر پئي ته معلوم ٿيو ته هي فيضانِ سنت آهي. درس کان پوءِ مون ان اسلامي ڀاءُ کي درخواست ڪئي ته مون کي پڙهڻ لاءِ فيضانِ سنت ڏيو. هنن ڪتاب ڏنو ۽ مان مسجد ئي ۾ ويهي پڙهڻ شروع ڪيو. مان روز ٿوري ٿوري پڙهندو رهيس. الحمدلله! هن بابرڪت ڪتاب پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي اندر سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو، ۽ انهيءَ صدقي ۾ دعوتِ