Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

وضاحت: هر ڳالهه ڪندڙ جي ڳالهه تي اعتراض ٿي سگهي ٿو، پر اي منهنجا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جي ڪلام تي قربان وڃان، اوهان جو ڪلام بي عيب آهي ۽ اوهان اهڙي گفتگو فرمائيندا آهيو، جنهن جون خوبيون بيان ڪرڻ ۾ اسان جهڙا قاصر آهن.

 مزاح ۾ به حق ئي ڳالهائيندا آهن

 حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان جيڪا به خبر اوهان کي ڏيندو آهيان، اها يقيناً الله پاڪ جي طرفان هوندي آهي، ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو به شڪ ۽ شبهو ناهي هوندو. ([1])  صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم عرض ڪيو:  يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان اسان سان خوش طبعي به ته ڪندا آهيو (ڇا اهو خوش طبعي وارو ڪلام به حق هوندو آهي)؟ فرمايائون: اِنِّی لَا اَقُوْلُ اِلَّا حقًّا، بيشڪ مان حق کان سواءِ ڪجهه به ناهيان چوندو. ([2])    

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي مزاحِ مصطفى جي شان آهي ته مزاح ۾ به جيڪو ڪجهه فرمائيندا آهن، اهو حق ئي هوندو آهي، ڪڏهن به مبارڪ زبان تي ناحق ڳالھه ناهي ايندي.

پسندِ حق تَعَالیٰ تیری ہر بات                                                                                               ترے انداز خوش، تیری ادا خوش

خواھش پرستي واريون ڳالھيون

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اسان لاءِ به هڪ سبق آهي. اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي ڪهڙي شان آهي؟


 

 



[1]...مسند بزار، جلد:15، صفحہ:340، حدیث:8900۔

[2]... مسند امام احمد ،جلد:4 ،صفحہ:339 ،حدیث:8705 ۔