Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
۽ * هر هڪ زندگي جي هڪ هڪ لمحي لاءِ هدايتون ڏيڻيون هيون ۽ وقت ڪيترو هو؟ 23 سال. تنهنڪري الله پاڪ کين جوامِعُ الڪلم جو معجزو عطا فرمايو. شان اها آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مختصر لفظن ۾ اهڙي طرح گفتگو فرمائيندا هئا جو انهن ۾ اهڙا مَعنٰي ۽ مفھوم هوندا هئا، جيڪي قيامت تائين ايندڙ ماڻهن جي هدايت لاءِ ڪافي ٿي ويندا آهن.
قيامت تائين جون خبرون ڏئي ڇڏيون
مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي، حضرت ابو زَيد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فجر جي نماز پڙهائي، پوءِ منبر تي تشريف فرما ٿيا، خطبو شروع ڪيائون. پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيان فرمائيندا رهيا، بيان فرمائيندا رهيا ايستائين جو ظهر جو وقت ٿي ويو. پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تان لهي ظهر جي نماز ادا ڪيائون، وري خطبو شروع ڪيائون، ايستائين جو عصر جو وقت ٿي ويو. پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هيٺ تشريف کڻي آيا، عصر جي نماز ادا ڪئي، وري خطبو شروع ڪيائون، ايستائين جو مغرب جو وقت ٿي ويو. ان ڏينهن پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ ڪجھ بيان فرمايو. ([1])
صحابه فرمائن ٿا: ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به ڪو واقعو ڏسندا هئاسين ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هي واقعو اڳ ۾ به ٿيو آهي. جڏهن ذهن تي زور ڏيندا هئاسين ته ياد ايندو هو ته هيءَ ته اها ئي ڳالهه آهي جيڪا ان ڏينهن پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيان ڪئي هئي. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هن حديث پاڪ ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي علمِ غيب جو بيان آهي ڇو ته پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت تائين جي خبرن کي