Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو زبردست ڪلام آهي...!! يقين ڪريو، دنيا ۽ آخرت جي لحاظ کان ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ صرف هڪ نصيحت ئي ڪافي آهي. ڏسو! اسان جي زندگي جا 3 حصا آهن: (1): ننڍپڻ (2): جواني (3): پوڙهائپ. ٻار جيڪو نابالغ هجي، اهو ته شرعي حڪمن جو پابند ناهي، پوءِ باقي ٻه حصا بچن ٿا، جواني ۽ پوڙهائپ.

پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ لائن ۾ زندگي جا هي ٻئي حصا گذارڻ جو طريقو ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن توهان بهترين جوان بڻجڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي سيرت ۽ ڪردار اهڙو بڻايو، جهڙو پوڙهن جو هوندو آهي ۽ پوڙهائپ چڱي گذارڻ چاهيو ٿا ته ته اهڙين ڳالهين ۽ ڪردارن کان بچي وڃو جيڪي نوجوانن جا هوندا آهن.

پوڙهائپ جي متعلق اسان جا تصَوُّرات

 هتي غور فرمايو! اسان وٽ پوڙهائپ جي متعلق ڇا تصوُّرات هوندا آهن؟ مثلاً * جيڪڏهن ڪو پوڙهو ماڻهو نچي رهيو هجي، اسان ڏسي ڪري ڇا چوندا آهيون؟ بابا! پوڙها ٿي ويا آهيو، ٽنگون قبر ۾ لٽڪي رهيون آهن، هاڻ الله الله ڪريو! هي ڪا عمر آهي نچڻ جي. * اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو پوڙهو ماڻهو سدائين آئينو سامهون رکي وار ٺاهڻ، ڪريم ۽ پائوڊر ۾ لڳل هجي، ته ڇا چيو ويندو: بابا! هاڻ اها توهان جي عمر ناهي. * جيڪڏهن پوڙهو ماڻهو پارڪ، سمنڊ ڪناري، بازارن ۾ معاذالله! نامحرمن تي نظرون ڄمائيندو هجي، بدنگاهي ڪندو هجي، * فلمون يا ڊراما ڏسندو هجي * معمولي ڳالھ تان ٻانهون چاڙهيندو هجي، * گاريون ڏيندو هجي، * اُن عمر ۾ به وڏن وڏن محلن جو خواب ڏسندو هجي، * ڏاڙهي ڪوڙيندو هجي، *نمازون نه پڙهندو هجي، * غلط مشورا ڏيندو هجي، ٻِين جو جيئڻ حرام ڪندو هجي* فضول راندين