Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

جوامِعُ الڪَلِم عطا ڪيا ويا

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلامِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ معجزو اهو به آهي ته کين جوامعُ الڪلم عطا ڪيا ويا آهن. جوامع الڪلم جو مطلب آهي: ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو مفھوم بيان ڪرڻ. جنهن کي عام طرح چوندا آهن: سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ. ڪوزو ڪيترو ننڍو هوندو آهي؟ ۽ سمنڊ ڪيترو وڏو هوندو آهي، يعني سمنڊ جيان گهڻين ڳالهين کي هڪ ننڍڙي جملي ۾ بيان ڪرڻ کي جوامعُ الڪَلم چيو ويندو آهي. مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي، رسولِ اَڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  مون کي انبياء ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام  تي ستن ڳالهين ۾ فضيلت ڏني وئي، (انهن مان ٻه ڳالهيون هي آهن:) (1): اُعْطِیْتُ جَوَامِعَ الْکَلِمِ، مون کي جَوَامِعُ الْکَلِم (يعني گهٽ لفظ وڌيڪ معنٰي) عطا ڪيا ويا. (2): وَخُتِمَ بِیَ النَّبِیُّوْن، ۽ منهنجي ذريعي نبوت جو سلسلو ختم ڪيو ويو. ([1])

عقيدهءِ ختمِ نبوت جي هڪ دليل

پيارا اسلامي ڀائرو! جَوامِعُ الۡڪَلِم (يعني ٿورڙن لفظن ۾ گهڻين ڳالهين کي بيان ڪرڻ) اهو محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو معجزو آهي ۽ الحمدلله، هي معجزو به ان ڳالهه جي دليل آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن. پهريان جيڪي انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام ايندا هئا، اهي ڪنهن خاص قوم جا نبي هوندا هئا ۽ انهن جي هدايت جو زمانو به خاص هوندو هو، پوءِ ٻيا نبي تشريف کڻي ايندا هئا، اسان جا نبي، پيارا نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڇوته آخري نبي آهن. پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڄي مخلوق جا نبي آهن ۽ قيامت تائين سندن جي ئي هدايت تي عمل ڪيو ويندو، يعني پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت تائين ايندڙ * هر دؤر لاءِ، * هر صدي لاءِ، * هر قسم جي معاشري لاءِ، * هر هر طبقي لاءِ


 

 



[1]...مسلم، کتاب المساجد، صفحہ:194، حدیث:523 ملتقطاً۔