Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

جَلِي چئبو آهي، جنهن جي نماز ۾ تلاوت ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته حديثِ پاڪ کي وحيِ خفي چئبو آهي، جنهن جي نماز ۾ تلاوت ناهي ٿيندي.[1]

وَمَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى سے ہے روشن                                                                     زبانِ مقدَّس پہ حق بولتا ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! انهن قرآني آيتن مان واضح ٿي ويو آهي ته پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن به پنهنجن چپن کي کوليندا آهن، پنهنجي پاڪ زبان کي چوريندا آهن ته ان ۾ نفس جي خواهش جو ڪوبه حصو شامل ناهي هوندو.

اعلٰي حضرت امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:

وہ دہن جس کی ہر بات وَحْی خُدا                                                                                  چشمۂ عِلْم و حِکْمَت پہ لاکھوں سلام

وضاحت: سندن مبارڪ وات مان نڪرندڙ ڳالهه الله پاڪ جي وحي هوندي آهي. سندن مبارڪ وات جيڪو علم ۽ حڪمت جو چشمو آهي ان تي لکين سلام هجن.

اَبُو عُمَير جي جهرڪي

حضرت ابوعُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا ننڍا ڀاءُ هئا، جن هڪ جهرڪي پالي هئي،  اُن سان کيڏندا هئا. هڪ ڏينهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن جي گهر تشريف فرما ٿيا ۽ ڇا ٿا ڏسن ته حضرت ابوعمير غمگين ويٺا آهن. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: هن کي ڇا ٿيو آهي؟ عرض ڪيو ويو: "يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! هن جي جِهرڪي مري وئي آهي. نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سندن دل خوش ڪرڻ لاءِ فرمايو: " یَا اَبَا عُمَیْر! مَا فَعَلَ النُّغَیْرُ! اي ابوعمير! جِهرڪيءَ جو ڇا ٿيو....؟[2]


 

 



[1] شانِ حبیب الرحمٰن ، صفحہ:۔ 

[2] الادب المفرد،باب اَلْکُنْیَۃُ لِلْصَبِی ،صفحہ:252 ،حدیث:847 ۔