Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

* نامحرمن ۾ دلچسپي وٺندا * وَن ويلنگ ڪندا * تفريح کي زندگي جو مقصد سمجهندا * کائڻ پيئڻ ۽ جسم بڻائڻ ۾ وقت گذاريندا * شراب پيئندا * فضول خرچي ڪندا * آخرت جي تياري کان بي خبر هوندا * وڏيون اميدون لڳائي ويهندا * عام طور جواني ۾ ڏاڙهي نه رکندا * وڏن محلن جا خواب ڏسندا آهن. ۽ اهڙيون کوڙ ڳالهيون آهن، جيڪي نوجوان ڪري رهيا هوندا آهن، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پوڙهن کي سمجهايو ته  شَرُّ کُہُوْلِکُمْ مَنْ تَشَبَّہَ بِشَبَابِکُمْ يعني بدترين پوڙهو اهو آهي جيڪو اهڙن برن نوجوانن واريون حرڪتون ڪندو آهي.

سبحان الله! ڪيڏي نه عظيم نصيحت آهي. جواني ڪيئن گذارڻي آهي ۽ پوڙهائپ ڪيئن گذارڻي آهي؟ ان تي پورا پورا ڪتاب لکي سگهجن ٿا، پر اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي زندگي جو سبق هڪ جملي ۾ ڏنو. پوءِ اسان ڇونه چئون:

میں نثار تیرے کلام پر، ملی یُوں تو کس کو زَباں نہیں

وہ سُخن ہے جس میں سُخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪلامِ پاڪ جا شان مون عرض ڪيا، سچ اهو ئي آهي ته

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے

تیرے اَوْصاف کا اِک باب بھی پُورا نہ ہوا

اڃا ان موضوع تي گهڻو ڪجھ چئي سگهجي ٿو، گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر حقيقت اها آهي ته اسان اُن جو شان بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪري ئي       


 

 



[1]... حدائق بخشش،صفحہ:107 ۔