Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

مسلم شريف ۾ حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا: جناب ضِمَاد (جيڪي ان وقت تائين مسلمان نه ٿيا هئا) ۽ منتر وغيره ڪري جِنّ ڪڍندا هئا. هڪ ڏينهن سندن مڪه معظمہ آيا. هتي غير مسلمن مشهور ڪري ڇڏيو هيو ته حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم (معاذ اللہ!) مَجنون ٿي ويا آهن. جناب ضِمَاد جڏهن اِها ڳالهه ٻڌي ته چيائون: مان انهن کي ڏسان، ٿي سگهي ٿو ته منهنجي منتر سان انهن کي شفا ملي وڃي. پوءِ جناب ضِمَاد بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا.

سُبْحٰنَ اللہ! ان پاڪ بارگاهه جي شان ئي نرالي آهي...!! مولانا حسن رضا خان       رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: 

اُن کے جلووں میں ہیں وہ دلچسپیاں                                                           جو وہاں پہنچا، وہیں کا ہو گیا([1])

 خير! جناب ضِمَاد رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو: مان جنّ ڪڍڻ جو منتر ڄاڻان ٿو، الله پاڪ منهنجي هٿ ۾ شفا به رکي آهي، ڇا توهان کي دم ڪيان؟

اللهُ اڪبر! جيڪي سمورن جهانن بلڪ انهن جنن جا به نبي آهن، ڀلا کين ڪنهن جنّ جو ڇا خطرو...!! اصل ۾ دم جي ضرورت ته جناب ضِمَاد کي هئي. سو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي دم ڪيو. ڇا دم ڪيو؟ ٻڌو! روايت جا لفظ آهن: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جناب ضِمَاد جي ڳالهه ٻڌي پوءِ فرمايو:

اِنَّ ‌الْحَمْدَ ‌لِلهِ، ‌نَحْمَدُهُ ‌وَنَسْتَعِينُهُ، ‌مَنْ ‌يَهْدِهِ ‌اللهُ ‌فَلَا ‌مُضِلَّ ‌لَهُ، ‌وَمَنْ ‌يُضْلِلْ ‌فَلَا ‌هَادِيَ ‌لَهُ، ‌وَاَشْهَدُ اَنْ ‌لَا اِلٰهَ ‌إِلَّا ‌اللهُ ‌وَحْدَهُ ‌لَا ‌شَرِيكَ ‌لَهُ، ‌وَاَنَّ ‌مُحَمَّدًا ‌عَبْدُهُ ‌وَرَسُولُهُ


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفھہ:34۔