Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”روضهءِ رسول جي باري ۾ دلچسپ معلومات“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شئير (Share) ڪيو!

* قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ یَااَیُّھَا الْنَّاسُ سان ڪيتريون ئي آيتون نازل فرمايون آهن، جن ۾ سڀني ماڻهن لاءِ عام احڪام نازل ڪيا ويا آهن. ان  احڪامن کي مفتي قاسم عطاري صاحب پنهنجي ڪتاب "اي انسانو!" ۾ آسان لفظن ۾ تشريح سان بيان ڪيو آهي. الحمدلله! هن ڪتاب کي مڪتبہُ المدينه شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي.

توهان هن ڪتاب کي 780 روپين ۾ مڪتبہُ المدينہ جي ڪنهن به شاخ تان حاصل ڪري سگهو ٿا. هن ڪتاب کي پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون