Book Name:Muallim e Kainat
اَلْـحَـمْـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الْـعٰـلَـمِیْنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الْـمُـرْ سَـلِـیْنَ
اَمَّـا بَــعْـدُ فَـاَعُـوْذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیْـطٰنِ الـرَّجِیْمِؕ بِـسْمِ الـلّٰـہِ الـرَّحْـمٰنِ الـرَّحِـیْمِؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
اربعينِ عطّار، قسط: 2، حديث پاڪ: 2 ۾ آهي:
صَلُّوا عَلَى وَاجْتَهِدُوا فِي الدُّعَاءِ وَقُولُوا اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَ عَلَى آلِ مُحَمَّدٍ. فرمانِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم: مون تي درود پاڪ پڙهو ۽ دعا ۾ ڀرپور ڪوشش ڪريو ۽ چئو: اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَ عَلَى آلِ مُحَمَّدٍ
پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ ۾ درود پاڪ پڙهڻ ۽ دعا ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته دعا ۽ درود جو پاڻ ۾ تمام گهاٽو واسطو آهي. مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو فرمان آهي: دعا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٽنگيل رهندي آهي، جڏهن درود پاڪ پڙهيو ويندو آهي ته دعا مٿي پرواز ڪري ويندي آهي[1].
عُلَماءِ ڪرام فرمائن ٿا: دعا جي مثال هڪ پکيءَ جهڙي آهي ۽ درود ان جو مضبوط پر آهي، جنهن جي ذريعي دعا آسمانن ڏانهن پرواز ڪندي، الله پاڪ جي درگاهه ۾ پهچندي ۽ قبول ٿي ويندي آهي.