Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ڪندا هئا.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو: جڏهن ته اڃان حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي تخليق به نه ٿي هئي، منهنجا ۽ اوهان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اُن وقت به مُعلم هئا، پاڻ ملائڪن کي تسبيح سيکاريندا هئا، ملائڪَ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان سکي ڪري الله پاڪ جي تسبيح ڪندا هئا.

بے پڑھے عالِم نے ہر عالِم پہ علم اِلقا کیے                                                       علمِ غیبِ حق کے مَظْہر رَحْمَۃٌ لِّلْعَالَمِیْں([2])

وضاحت: يعني پيارا آقا، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جيڪي ظاهري طور تي ڪنهن کان پڙهيا ناهن پوءِ سندن علم جو شان هي آهي جو پاڻ ئي هر علم واري کي علم عطا ڪيائون، پاڻ الله پاڪ جي علمِ غيب جا مظهر آهن، تمام جهانن جي لاءِ رحمت آهن.

ملائڪن علم سکيو

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اهڙي شان وارا معلم آهن جو ملائڪ به پاڻ کان علم جون ڳالهيون پڇندا آهن، هن باري ۾ هڪ ايمان اَفروز روايت ٻڌندا! علامه عُمر بن احمد آفندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قصيده بُرده شريف جي شرح ۾ لکن ٿا: ملاءِ اعليٰ جا ملائڪَ (يعني مُقربين ملائڪَ) 1 هزار سال کان ڪجھ مسئلن ۾ غور و فڪر ڪري رهيا هئا پر انهن جا اهي مسئلا حل نه ٿي رهيا هئا، انهن جا هي مسئلا معراج جي رات حل ٿيا هئا. اهي ڪيئن؟ حديثِ  پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: مون پنهنجي


 

 



[1]...  الشریعۃ للآجری ، جلد:3، صفحہ:1419، حدیث:960۔

[2]...قبالۂ بخشش، صفحہ:195۔