Book Name:Muallim e Kainat
و قراءت سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي.
حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان مان بہترين شخص اهو آهي، جيڪو قرآن سِکي ۽ ٻين کي سيکاري.[1] * قرآنِ پاڪ الله پاڪ جو ڪتاب آهي * ٻانهن جي نانءُ ربَّ ڪريم جو پيغام آهي * پر افسوس! اڄڪلھ جو مسلمان قرآن ڪريم کان تمام گهڻو پري ٿيندو پيو وڃي * گهڻن ماڻهن کي ته ڏسي ڪري به درست قرآن ڪريم پڙهڻ ناهي ايندو * جيڪي پڙهي ويندا آهن اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آهن، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي.
اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي مختلف مسجدن ۽ مارڪيٽن ۾ روزانو جي بنياد تي مدرسةُ المدينه بالغان جا ڪلاسز لڳائي ڪري قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي جن ۾ درست تجويد ۽ قراءت سان قرآن ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن سنّتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. اوهان به هن ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ملنديون
فيشن پرست جي زندگي ۾ بهار اچي وئي
آفندي ٽائون (حيدرآباد، اندروني سنڌ، پاڪستان) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: آئون هڪ فيشن پرست (Fashionable) نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري