Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

پيارا اسلامي ڀائرو: اسان کي پنهنجي اندر جذبو پيدا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان کي فرض علوم نه ٿا اچن ته لازمي سکڻا آهن، جيڪڏهن معلوم آهن ته ٻين کي سيکارڻا آهن، اسان جا جيڪي سڃاڻو آهن.... بلڪه تمام مسلمان پاڻ ۾ ڀائرَ آهن، اجنبي ڪوبه ناهي، جنهن تائين اسان جي پهچ آهي، 2 ڪمن مان هڪ ڪم ان جي ذمي اسان کي ضرور لڳائڻو آهي: يا ته ان کي دين سکڻ تي لڳائڻو آهي يا سيکارڻ وارو بڻائڻو آهي. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

پياري آقا جي تربيت جا انداز

   پيارا اسلامي ڀائرو: اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مُعلمِ ڪائنات آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي پڙهائڻ جو، سمجهائڻ جو، ماڻهن تائين دين پهچائڻ جو انداز مبارڪ ڪهڙو هو؟ ان حوالي سان سيرتِ پاڪ ڪهڙي هئي؟ اچو! ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

دل بدلائي ڇڏيائون

روايت آهي ته هڪ نوجوان رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! مون کي زنا جي اجازت ڏيو! هي ٻڌندي ئي صحابه ڪرام جلال ۾ اچي ويا ۽ ان کي مارڻ چاهيائون. رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن فرمايو هن کي نه ماريو! پوءِ ان کي پاڻ وٽ گهرائي ويهاريو ۽ نرمي ۽ شفقت سان سوال ڪيو: * اي نوجوان! توکي پسند آهي ته ڪو تنهنجي ماءُ سان اهڙو ڪم ڪري؟ ان عرض ڪيو: مان ان کي ڪيئن