Book Name:Muallim e Kainat
اي عاشقانِ رسول! * سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو. * فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم: سڀني کان سُٺا ڪپڙا اهي ڪپڙا آهن جن کي پائي ڪري توهان خدا جي زيارت قبرن ۽ مسجدن ۾ ڪيو، سفيد آهن يعني اڇن ڪپڙن ۾ نماز پڙهڻ ۽ مڙدن کي ڪفنائڻ چڱو آهي * امام شافعي رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو پنهنجو لباس صاف رکي ان جا غم گهٽ ٿي ويندا ۽ جيڪو خوشبو لڳائي ان جي عقل ۾ اضافو ٿيندو. * لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي. * پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ * اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهريان ساڄي پاچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن(ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو.
* سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي. * مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو* اڄڪلھ ڪجھ ماڻهو سرِ عام ماڻهن جي سامهون نيڪر (اڌ پينٽ) پائي گهمندا آهن جنهن سان انهن جا گوڏا ۽ رانون نظر اينديون آهن هي حرام آهي * تڪبر جي طور تي جيڪو لباس هجي اهو ممنوع آهي.[1]