Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

سچی بات سکھاتے یہ ہیں                                                                                                                 سیدھی راہ دکھاتے یہ ہیں

اپنی بنی ہم آپ بگاڑیں                                                                                                                    کون بنائے بناتے یہ ہیں    

بندے کرتے ہیں     کام غضب کے                                                              مژدہ رضا کا سناتے یہ ہیں    

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

سمجهائڻ جو هڪ جديد انداز

پيارا اسلامي ڀائرو! جديد سائيڪولوجي ۾ ٻين جي تربيت جو هڪ طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي، جنهن کي چوندا آهن: انتقاليت (Transference). ان جو مطلب هوندو آهي: لَهي وڃڻ. هن نفسياتي طريقي ۾ جيڪو مُعلم هوندو آهي: اهو سامهون واري سان هڪ جسماني جذباتي لڳاءُ پيدا ڪندو آهي، مثال طور پاڻ کي سامهون واري جي لاءِ هڪ والد جي درجي ۾ رکندو آهي. ان جي دل ۾ هڪ اهڙي محبت اڀاريندو آهي جيڪا هڪ پَٽ کي پنهنجي والد سان هوندي آهي، پوءِ انهيءَ جذباتي لڳاءُ جي ذريعي سامهون واري جي تربيت ڪندو ۽ علمِ دين سيکاري ڪري سڌي رستي جو مُسافر بڻائي ڇڏيندو آهي. هاڻي غور فرمايو! سائيڪالوجي ۾ هي طريقو هاڻي معلوم ڪيو ويو آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم صديون پهريان اسان کي هي تعليم ڏني هئي، عملي طور تي اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته جڏهن ڪنهن کي سمجهائڻو هجي، علمِ دين سيکارڻو هجي، تربيت ڪرڻي هجي ته اهڙي پياري انداز سان ڪيو جو سامهون وارو توکي پنهنجو خيرخواھ مڃي، جڏهن اهو