Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ربَّ کي سهڻي صورت ۾ ڏٺو، الله پاڪ فرمايو: اي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم) ملاءِ اعليٰ جا ملائڪَ ڪهڙن مسئلن ۾ بحث ڪري رهيا آهن؟ مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ تون ئي بهتر ڄاڻين ٿو. پوءِ ربِّ ڪائنات مون تي نوازش فرمائي، مونکي علم بخشيو ته مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ! 4 مسئلا آهن، ملائڪَ انهن کي حل نه پئي ڪري سگهيا، فرمايائون: اي  پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! اوهان سچ فرمايو: هاڻي الله پاڪ ملَاءِ اعليٰ جي ملائڪن کي فرمايو: یَامَلَائِکَتِی!وَجَدْتُّمْ حَلَّالَ الْمُشْکِلات اي منهنجا ملائڪو! توهان مُشڪلات کي حل فرمائڻ واري کي ماڻي ورتو آهي، يعني اهي مسئلا جيڪي توهان حل نه ٿا ڪري سگهو، اَڄ منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان اهي مسئلا پڇي وٺو...!![1]

سُبْحٰنَ اللہ! اهي ديني مسئلا  ملائڪَ 1 هزار سال کان جن مسئلن ۾ غور و فڪر ڪري رهيا هئا ۽ ڪو حل نه نڪري رهيو هو، الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم گَهڙي کن ۾ ملائڪن جا مسئلا حل فرمائي ڇڏيا! خبر پئي اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ان شان جا استاد آهن جو ملائڪن کي به علم ٻڌائيندا ۽ سيکاريندا آهن.

اے رحمتِ عالَم تیری رحمت کے تصدق                                ہر ایک نے پایا ترا صدقہ شبِ معراج

انبياء ڪرام کي فيض پهچائڻ وارا

 هڪ تمام مشهور حديثِ پاڪ آهي. هڪ ڀيري مُعلمِ ڪائنات، فخرِ موجودات


 

 



[1]... عصیدہ، صفحہ:236-237۔