Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ڪاسائي جي تربيت فرمائي

   پيارا اسلامي ڀائرو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مُعلمِ ڪائنات آهن يعني تمام مخلوقات کي علم سندن صدقي عطا ٿيو، سندن طفيل نصيب ٿيو ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تمام مخلوقات کي علم ٻڌائڻ وارا، علم سيکارڻ وارا آهن. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي مُعلمِ ڪائنات صرف محاوري طور ناهي چيو ويندو بلڪه پاڻ سڳورا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم حقيقت ۾ مُعلمِ ڪائنات آهن. هڪ روايت ٻڌندا! هڪ ڀيري هڪ قاصائي پنهنجي ٻڪرين جي واڙي ۾ پهتو، دروازو کوليو ۽ ذبح ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻڪري کي پڪڙڻڻ ئي چاهيو هو ته اها ان کان ڇڏائي ڪري ڀڄي وئي ۽ ڀڄندي ڀڄندي رسولِ رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضر ٿي وئي، قاصائي (Butcher) به پٺيان پٺيان پهچي ويو، ان تي رحمتِ عالَم، سرورِ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن پهريان ٻڪري کي فرمايو: اِصْبِرِیْ لِاَمْرِ اللہِ يعني الله پاڪ جي حڪم تي صبر ڪر! پوءِ رحمت جو شان ڏيکاريندي قاصائي کي فرمايو: وَ اَنْتَ يَا جَزَّارُ فَسُقْهَا اِلَى الْمَوْتِ سَوْقًا رَفِيقًا اي قاصائي! هن کي موت جي طرف نرمي سان وٺي وڃ![1]

سُبْحٰنَ اللہ! هي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو شان آهي. هتي ڏسو! 2 طرفن کان غلطي ٿي رهي آهي، (1): ٻڪري جنهن کي پيدا ان ڪري ڪيو ويو آهي ته ان کي ذبح ڪيو وڃي، اها ڄڻ الله پاڪ جي هن حڪم کان ڀڄي رهي هئي (2): ٻئي طرف جيڪو قاصائي هو، ان کي نرمي جو حڪم هو، اهو سختي


 

 



[1]...مصنف  عبد الرزاق ،کتابُ:المناسک ،بابُ:سنۃ الذبح ، جلد:4، صفحہ:377، حدیث:7640۔