Book Name:Muallim e Kainat
انهن کان ڀَلو استاد ڪوبه ناهي ڏٺو
مُسلم شريف ۾ رويت آهي، هن جا راوي آهن: صحابيءِ رسول حضرت مُعاويه بن حَڪم سُلَمِي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ. هڪ ڀيرو انهن سان هڪ واقعو پيش آيو، جنهن کي انهن بيان ڪيو، واقعو ڪجھ هن طرح آهي ته اسلام جي شروعات ۾ نماز جي دوران گفتگو ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي، پوءِ الله پاڪ جو حڪم آيو ۽ نماز جي اندر ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو.
هي جيڪو نئون حڪم هو، حضرت معاويه بن حڪم سُلَمِي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي هن نئين حڪم جو علم نه هو. هاڻي واقعو ڪجھ هيئن ٿيو: فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مسجد نبوي شريف ۾ حاضر ٿيس، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي اقتداء ۾ (يعني انهن جي پٺيان) نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي، نمازِ جي دوران هڪ شخص کي نِڇ اچي وئي. (ڇوته انهن جي ذهن ۾ اهو ئي پراڻو حڪم هو ته نماز ۾ ڳالهائي سگهون ٿا، تنهنڪري) فرمائن ٿا: ان شخص کي نِڇ آئي ته مون چيو: یَرْحَمُکَ اللہُ! (الله پاڪ توتي رحم فرمائي). بَس منهنجي هي چوڻ جي دير هئي، آس پاس جي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم مون کي تِکي نظرن سان ڏٺو. مون چيو: ڇا ٿيو؟ توهان مونکي تِکي نظرن سان ڇو ڏسي رهيا آهيو؟ هاڻي انهن پنهنجو هٿ پنهنجي رانُن تي هنيو، هاڻي مان سمجهي ويس ته هي مون کي چپ ڪرائڻ چاهين ٿا. جيئن ته مان چپ ٿي ويس.
فرمائن ٿا: نماز مُڪمل ٿي، سلام ڦيريو ويو، هاڻي مُعلمِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن مونکي پاڻ وٽ گهرايو...!!
منهنجا ماءُ پيءُ انهن تان قربان ٿين، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان وڌيڪ سُٺو ۽ بهترين مُعَلِّم (سيکارڻ وارو، تربيت فرمائڻ وارو) نه مون پهريان ڪڏهن