Book Name:Muallim e Kainat
رهيو هيس منهنجي گناھن ڀري زندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مَدرَسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، بَس منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداھ کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي چراغ سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي. اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي وئي.
ترا شکر مولیٰ دیا مدنی ماحول
دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول
نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مَدنی ماحول
(وسائلِ بخشش،صفحہ: 647-648)
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
”نعت ڪوليڪشن “(Naat Collection) موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي: جنهن جو نالو آهي: Naat Collection (نعت ڪليڪشن) * هن ايپلي ڪيشن ۾ اعليٰ حضرت، مولانا حامد رضا خان، مفتيءِ اعظم هند، مولانا حسن