Book Name:Muallim e Kainat
جيتوڻيڪ هڪ اکر به پڙهايو هجي ان جي لاءِ عاجزي ڪري * پنهنجي استاد تي ڪنهن کي ترجيح نه ڏي جيڪڏهن ائين ڪندو ته ان اسلام جي رسين مان هڪ رسي کولي ڇڏي * استاد جي تعظيم هيءَ آهي ته اهو اندر هجي ۽ هي حاضر ٿئي ته دروازي تي هٿ نه هڻي بلڪه ان جي ٻاهر اچڻ جو انتظِار ڪري * علمِ دين جو استاد پنهنجي شاگردن جي حق ۾ نائبِ حضورِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم آهي، ها! جيڪڏهن ڪنهن خلافِ شريعت ڳالھ جو حڪم ڏي ته هرگز نه ڪري * عالم فرمائن ٿا: جنهن کان ان جي استاد کي ڪنهن طرح جو ايذاء پهچي اهو علم جي برڪت کان محروم رهندو.[1]
الله پاڪ اسان کي شريعت جي دائري ۾ رهندي پنهنجي استادن جو، پنهنجي والدين جو، پنهنجي وڏن جو ادب ۽ احترام ڪندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسةُ المدينه بالغان
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قبر ۽ آخرت جي تياري فرمائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصّو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي، الله پاڪ چاهيو ته دنيا مان بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به سنورجي ويندا آهن. 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم مدرسةُ المدينه بالغان به آهي. جنهن ۾ درست تجويد