Book Name:Muallim e Kainat
پيارا اسلامي ڀائرو! 5 آڪٽومبر تي عالمي سطح تي ٽِيچرز ڊي (يعني استادن جو عالمي ڏينهن) ملهايو ويندو آهي، الحمد لله! * اسان جا مُعلم * سڀ کان وڏا مُعلم * سڄي ڪائنات جا مُعلم * تمام مخلوقات جا مُعلم...!! ڪير آهن؟ منهنجا ۽ اوهان جا آقا، محبوبِ خُدا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم الله پاڪ گنھگارن کي هميشه پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو باادب رکي.
پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي صدقي جن کي استاد ٿيڻ جو شرف مليو، جن کي مُعلم ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿي، اسلام انهن جا به کوڙ حقوق رکيا آهن. اعليٰ حضرت امام اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ رسالو آهي: اَلْحُقُوْقُ لِطَرْحِ الْعُقُوْقِ جنهن کي مڪتبةُ المدينه والدين، زَوجين ۽ استادن جي حقوق جي نالي سان آسان ڪري شايع ڪيو آهي. اسان کي هي رسالو لازمي پڙهڻ گهرجي. اچو! هن رسالي ۾ لکيل استادن جا ڪجھ حق ٻڌون ٿا:
* امام حافظُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: عالم جو حق جاهل تي ۽ استاد جو حق شاگرد تي برابر آهي ۽ اهو هي ته * ان کان پهريان ڳالهائي نه * جيڪڏهن موجود ناهي ته ان جي جاءِ تي نه ويهي ۽ * هلڻ ۾ ان کان اڳتي نه وڌي * ماڻهو کي گهرجي ته پنهنجي استاد جي حقوق ۽ آدابن جو لحاظ رکي * پنهنجي مال ۾ ڪنهن شيءِ سان ان کان بخل نه ڪري يعني جيڪو ڪجھ ان کي درڪار هجي اهو خوشيءَ سان حاضر ڪري* ۽ ان کي قبول ڪرڻ ۾ ان جو احسان ۽ پنهنجي سعادت سمجهي* استاد جي حق کي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ تمام مسلمانن جي حق کان مُقدم رکي ۽ جنهن ان کي سُٺو علم سيکاريو