Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ڪري رهيو هو. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ٻنهي جي تربيت فرمائي، ٻڪري کي فرمايائون: الله پاڪ جي حڪم تي صبر ڪر! قاصائي کي فرمايائون: نرمي اختيار ڪر!

 خبر پئي: ٻنهي جهانن جا سردار اهي آهن جو جانور به هتان کان ئي تهذيب سکندا آهن، هن ئي بارگاھ کان تربيت حاصل ڪندا آهن.

مونکي مُعلِّم بڻائي ڪري موڪليو ويو

 پيارا اسلامي ڀائرو:! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، سندن اچڻ جو هڪ بنيادي مقصد به مُعلم هجڻ آهي. پاڻ ئي ارشاد فرمايائون: بُعِثْتُ مُعَلِّمًا مونکي مُعلم بڻائي ڪري موڪليو ويو آهي.[1]

قرآن سيکارڻ وارو نبي

الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

کَمَاۤ  اَرْسَلْنَا فِیْکُمْ رَسُوْلًا مِّنْکُمْ یَتْلُوْا عَلَیْکُمْ  اٰیٰتِنَا وَ یُزَکِّیْکُمْ وَ یُعَلِّمُکُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِکْمَۃَ وَ یُعَلِّمُکُمْ مَّا لَمْ تَکُوْنُوْا تَعْلَمُوْنَ (۱۵۱)ؕۛ

ترجموڪنزُالعرفان: اسان توهان جي وچ ۾ توهان مان هڪ رسول موڪليو جيڪو توهان تي اسان جون آيتون تلاوت فرمائيندو آهي ۽ توهان کي پاڪ ڪندو ۽ توهان کي ڪتاب ۽ پختو علم سيکاري ٿو ۽ توهان کي اها تعليم ڏئي ٿو جيڪا توهان کي معلوم نه هئي. (سيپارو: 2، سورة بقره: 151)

 يعني اي مسلمانو...!! الله پاڪ جو توهان تي وڏو انعام ٿيو جو ربَّ رحمٰن


 

 



[1] ابن ماجہ، مقدمہ، صفحہ:50، حدیث:229ملتقطًا۔