Book Name:Muallim e Kainat
اعليٰ حضرت امام اهلسنت احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اعمال ۾ هدايت نرمي سان ڪرڻ گهرجي جو سختي سان ضد نه وڌي.[1]
معلوم ٿيو: نرمي سان سمجهائينداسين ته زبان ۾ اثر ايندو، سختي سان سمجهائينداسون ته سامهون وارو ضدي ٿي ويندو. تنهنڪري جيڪي مُعلم آهن، مُبلغ آهن، والدين آهن، وڏا ڀائر آهن، جيڪي به سمجهائڻ وارا آهن، پڙهڻ پڙهائڻ وارا آهن، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا آهن، انهن کي گهرجي ته سنّت طريقو اختيار ڪن ۽ نرمي کي پنهنجي عادت جو حصو بڻائي وٺن.
ہے فلاح و کامرانی نرمی و آسانی میں
ہر بنا کام بگڑ جاتا ہے نادانی میں
پيارا اسلامي ڀائرو: الحمد لله! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا بيشمار شانَ آهن، ايترا شان آهن جو اسان جهڙا نڪما ته ڇا مخلوق ۾ ڪير به سندن شانَن جي ڳڻپ نه ٿو ڪري سگهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
تیرے تو وَصْف عیبِ تَنَاہی سے ہیں بَرِی
حیراں ہو میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے([2])