Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

حرڪتون به ڪندا آهن، ائين ڏٺو ويندو آهي ته ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ڪري انهن کي چماٽ به هڻي وجهندا آهن، پوءِ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو آهي؟ ڪن جي ته دل ٽٽي پوندي هوندي ۽ اهي سڄي زندگي مسجد جو رخ نه ڪندا هوندا* ائين ئي گهرن ۾ سمجهائڻ جو انداز سخت هوندو آهي  * ماءُ جي محبت دنيا ۾ مشهور آهي پر ڪجھ مائرون به ٻارن کي سختي سان سمجهائينديون آهن *اسان وٽ ٻين جي سامهون سمجهائڻ جو به رواج عام ڏٺو ويندو آهي، ننڍي ڀاءُ کان غلطي ٿي وئي، پٽ کان غلطي ٿي وئي، گهر جي ڪنهن ٻئي فرد کان غلطي ٿي وئي ته گهر ۾ جڏهن ڪو مهمان آيو هجي ته ان جي سامهون سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ڪري پوءِ سمجهائي رهيا هوندا آهن
* ائين ئي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن تمام سخت لهجو اختيار ڪيو ويندو آهي. * سوشل ميڊيا تي چئجي ته پورو هڪ طوفان آهي، ڪنهن جي ڪا ڪمزور ڳالھ خبر پئجي وڃي، پوءِ شوشل ميڊيا تي شور اٿندو آهي، ان کي بُرو ڀلو چيو ويندو آهي، عزّت تي وار ڪيو ويندو آهي، پوءِ چيو ويندو آهي ته هي وڏو ضدي آهي، مغرور آهي، ڳالھ نه ٿو مڃي. نافرمان آهي ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيو وڃي رهيو هوندو آهي.

سختيءَ سان ضد وڌندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! امام اهلسنت احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي انداز تمام غلط آهي. سمجهائڻ گهرجي پر نرمي سان...!! نرمي سان، پيار محبت سان، حڪمتِ عملي سان سمجهائينداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سمجهائڻ جو فائدو ٿيندو.