Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ڏٺو، نه پوءِ ڪنهن کي ڏٺو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مون کي گهرايو، نه ڌڙڪا ڏنائون، نه ماريائون، نه بُرو ڀلو چيائون بلڪه نهايت نرمي سان فرمايائون: نماز ۾ گفتگو ناهي ڪَبي، نماز ۾ ته الله پاڪ جي تسبيح ڪَبي آهي، تڪبير چئبي آهي ۽ قرآن جي تلاوت ڪَبي آهي.[1]

نرمیِ خوئے لِینَتْ پہ دائم درود                                                                                                              گرمیِ شانِ سَطْوَت پہ لاکھوں سلام ([2])

وضاحت: الله پاڪ جي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي پنهنجي غلامن تي نرمي فرمائڻ واري لطيف ۽ پاڪيزه عادت مبارڪ تي هميشه هميشه رحمتون نازل ٿين ۽ سندن رعب ۽ وقار جي شان ۽ شوڪت تي لکين سلام هجن.

نرمي سان سمجهائيندا ڪيو!

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو پيارو شان آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو...!! هن حديث پاڪ مان معلوم ٿيو ته نرمي اختيار ڪرڻ محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي سنّت مبارڪ آهي.

افسوس! اسان وٽ سنّت مبارڪ کي ڇڏي ڏنو ويو آهي. هي شڪايت عام طور ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته ڪو اسان جي ٻڌندو ئي ناهي پر هن ڳالھ تي گهٽ ئي ماڻهو توجھ ڏيندا آهن ته اسان جي سمجهائڻ جو انداز ڪيئن هوندو آهي. * ننڍو ٻار جيڪڏهن غلطي ڪري ويهي ته ماڻهو ان کي ڌڙڪا ڏيڻ شروع ڪندا آهن. * 8 يا 10 سالن جا ٻار ڪڏهن ڪڏهن مسجدن ۾ ايندا آهن،


 

 



[1]...مسلم، حدیث:537۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:307۔