Book Name:Muallim e Kainat
توهان کي پنهنجو خير خواھ مڃندو ته ان کي توهان جي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي ۽ توهان جي ڳالھ مڃي ڪري ان تي عمل به ڪرڻ ۾ لڳي ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به ٻين کي سمجهائيندي هي طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي! * بيان ڪيو * درس ڏيو * ڪنهن کي انفرادي طور تي سمجهائي رهيا هجو * گهر ۾ ٻارن جي تربيت ڪري رهيا هجو * پاڙي واري کي سمجهائي رهيا هجو * گهر ۾ ننڍن ڀائرن جي تربيت ڪري رهيا هجو. ننڍي ڀاءَ کي سمجهائي رهيا ته اهڙو پيار ڀريو انداز اختيار ڪيو، اوتري نرمي ۽ محبت سان سمجهايو جو سامهون وارو پنهنجو خير خواھ سمجھي، جڏهن اهو اسان کي پنهنجو خير خواھ سمجهندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جي زبان ۾ اثر به اچي ويندو ۽ سمجهائڻ جو مثبت فائدو به ملي ويندو.
پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا پيارا شهزاده نهايت ئي ماهر مُعلم، مُفتي، ولين جا ولي حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جو پٽ ڪنهن غير مسلم وٽ قيدي هجي ته ڇا توهان ان کي ڇڏرائڻ جي ڪوشش نه ڪندؤ؟ هڪ عارف (يعني الله پاڪ جي سڃاڻپ رکڻ وارو ڪامل مسلمان) ائين ئي هوندو آهي ته تمام مخلوق ان جي لاءِ اولاد جيان آهي ۽ اهو ان کي نفس ۽ شيطان جي قيد مان ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته خوبصورت ڪلام آهي...!! ان ۾ پهريان ته استادن جي لاءِ درس