Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شئير (Share) ڪيو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

   ٻه فرامينِ مصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم:   (1): جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ هي پڙهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ہٰذَا، وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِ حَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ، ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا.[2]  (2) جيڪو قدرت جي باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني جنتي لباس) پارائيندو.[3]


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[3]...شعب الایمان، جلد:5، صفحہ:181، حدیث:6285۔