Book Name:Muallim e Kainat
لهٰذا اسان کي گهرجي ته دعائون ڪثرت سان گهرون، ڇوته دعا پاڻ عبادت آهي ۽ عبادت جو مغز آهي، ۽ هر دعا جي شروعات ۽ پڄاڻي درود پاڪ سان ضرور ڪئي وڃي، ڇو ته هيءُ بهترين وظيفو آهي. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم دعائون قبول ٿينديون.
جو اپنے کاموں کا اَنْجام نیک چاہتے ہو ہر ایک کام میں تم پیش تر، دُرود پڑھو
نبی کے صدقے تمہاری مُراد ہو حاصل دعا کے اوّل و آخر اگر دُرود پڑھو([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [2]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد