Book Name:Muallim e Kainat
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: مَتیٰ وَجَبَتْ لَکَ الْنَّبُوَّۃُ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! اوهان کي نبوت جو تاج ڪڏهن عطا ڪيو ويو؟ ارشاد فرمايائون: وَآدَمُ بَیْنَ الْرُّوْحِ وَالْجَسَدِ يعني اڃان حضرت آدم روح ۽ جسم جي درميان هئا، ان کان پهريان ئي نبوت جو تاج عطا ڪيو ويو هو.
هن حديث پاڪ جي تشريح ۾ عُلماءِ ڪرام هي ڳالھ لکي آهي ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جڏهن دنيا ۾ تشريف نه کڻي آيا هئا، عالمِ اَرواح ۾ تشريف فرما هئا، اُن وقت به روحاني طور تي انبياءِ ڪرام کي فيض پڄائي رهيا هئا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو...!! هن مان خبر پئي ته محبوبِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جهڙو مُعلم ٻيو ڪوبه ناهي، پاڻ اُهي شان وارا مُعلم آهن جو اٽڪل هڪ لک، 24 هزار انبياءِ ڪرام به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان فيض حاصل ڪيو آهي. پوءِ اسان ڇونه چئون:
سب سے اَولیٰ و اعلیٰ ہمَارا نبی سب سے بالا و وَالا ہمَارا نبی
خلق سے اَولیا اَولیا سے رُسل اور رَسولوں سے اَعلیٰ ہمَارا نبی
مُلکِ کونین میں اَنبیا تاجدار تاجداروں کا آقا ہمَارا نبی([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد