Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

توهان ۾ پنهنجي محبوب نبي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي موڪليو، پاڻ مٿي کان پيرن تائين رحمت ئي رحمت آهن. هونئن ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا توهان تي لکين احسان آهن پر ڪجھ احسان بلڪل ظاهر آهن. (1): هڪ هيءُ ته اهي توهان تائين ربَّ جو آيتون پهچائيندا آهن، توهان کي آيتون پڙهي ڪري ٻڌائيندا آهن، پڙهڻ سيکاريندا آهن، توهان جا الفاظ صحيح ڪرائيندا آهن ۽ تلاوت جا آدابَ به ٻڌائيندا آهن (2): ان سان گڏوگڏ اهي توهان کي بُرن عقيدن کان بُرن اخلاقن کان بُرِن عادتُن کان مطلب ته ظاهري ۽ باطني بيمارين کان پاڪ ڪندا آهن (3): اهي توهان کي قرآنِ ڪريم جا راز سمجهائيندا آهن (4): ۽ توهان کي دين ۽ دنيا جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جن کان توهان بي خبر هئا.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو رسولِ ذِيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم دنيا ۾ تشريف وٺي آيا ته انهن جو هڪ بنيادي مقصد ماڻهن کي قرآن سيکارڻ به آهي.

نُور ورهائڻ وارا نبي

هڪ ٻئي مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:

کِتٰبٌ اَنْزَلْنٰہُ  اِلَیْکَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوْرِ ۬ۙ بِاِذْنِ رَبِّہِمْ  اِلٰی صِرَاطِ الْعَزِیْزِ  الْحَمِیْدِ ۙ(۱)

 ترجمو ڪنزُ العرفان: هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوهان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربّ جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف آڻيو جيڪو عزت وارو سمورين خوبين وارو آهي.


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی، پار:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:151، جلد2،صفحہ:66، 67 بتصرف۔