Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

وضاحت: يعني اي منهنجا محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! مان اوهان جا ڪيترا شان بيان ڪيان...!! مان اُن لائق ڪٿي آهيان؟ ربَّ رحمٰن اوهان کي ايترا شان عطا ڪيا آهن جو اوهان جا اوصاف ختم ئي ناهن ٿيندا، شان ختم ٿيڻ به هڪ ڪَمي آهي، اوهان جي ربَّ اوهان کي هن ڪَمي کان به پاڪ رکيو آهي.

پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي انهن شانن مان هڪ مُعَلِّم هجڻ جو شان به آهي. اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ڪائنات جا سڀني کان وڏا سڀني کان وڏي رتبي وارا سڀني کان اعليٰ سڀني کان وڌيڪ تجربي وارا مُعَلِّم (استاد) آهن.

 عام طور اسان وٽ جنهن کي 10، 12، 15 سال پڙهائيندي ٿي ويا هجن ته معاشري ۾ ان کي نهايت ماهر، تجربي ڪار مُعلِّم (Teacher) شمار ڪيو ويندو آهي. جنهن جي پڙهائڻ جو عرصو ۽ تجربو وڌيڪ هجي، اهو وڏو مُعلم هوندو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي مُعلم هجڻ جي شان جو عرصو خبر آهي ڪيترو آهي...؟ جڏهن کان مخلوقات پيدا ٿيون آهن، تڏهن کان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مُعلم آهن.

   حديثِ پاڪ ۾ آهي: نورِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو نور سڀني مخلوق کان پهريان بڻايو ويو[1]. حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي تخليق کان 2000 سال پهريان جي ڳالھ آهي ته یُسَبِّحُ ذٰلِکَ النُّوْرُ نورِ مصطفيٰ الله پاڪ جي تسبيح ڪندو هو فَتُسَبِّحُ الْمَلَائِکَۃُ بِتَسْبِیحِہٖ بَس ملائڪَ هن تسبيح کي ٻڌي ڪري تسبيح


 

 



[1]...   مصنف عبد الرزاق، جزء مفقود، صفحہ:64، حديث:18 ۔