Book Name:Rah e Najat
ميڊيا تباهي مچائي رکي آهي، دنيا جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڪو فتنو اٿي ٿو، ته ڏينهن مهينا نه صرف بلڪ ڪجھ منٽ لڳن ٿا، ننڍي ننڍي ڳوٺ، ٻهراڙين تائين ان فتني جا بُرا اثرَ پهچي ويندا آهن. اهڙي حالات ۾ اسان ڇا ڪيون؟ پنهنجو دين ڪيئن بچايون؟ الله پاڪ جي پسنديده دين، پياري پياري دينِ اسلام تي قائم ڪيئن رهون؟ قرآني آيت ٻڌو! جيڪڏهن اسان پنهنجو ايمان بچائڻ چاهيون ٿا، اسان خواهش رکون ٿا ته هن دنيا مان ايمان بچائي ڪري وينداسين، اسان تي لازم آهي ته هن آيتِ ڪريمه کي پنهنجي دل تي لکي ڇڏيون، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاَقِمْ وَجْہَکَ لِلدِّیْنِ حَنِیْفًا ؕ
ترجمو ڪنزُالعرفان: پوءِ هر باطل کان جُدا تي پنهنجو چهرو الله جي اطاعت جي لاءِ سِڌو رک. (سيپارو: 21، سورة روم: 30)
يعني اي انسانو! هر پاسي کان نگاهون هٽائي ڪري دين کي پنهنجو قبلو بڻايو! ڪو ڪجھ به چوندو رهي، ڪو ڪهڙا به دليلَ ڏيندو رهي، ڪهڙي به لالچ ڏي، انهن ڏانهن نگاھ ڪرڻي ئي ناهي، ڪنهن جي ڳالھ ٻڌڻي ئي ناهي، پنهنجي دل ۾ ڪابه ٻئي ڳالھ اچڻ ئي ناهي ڏيڻي، هر اسلام جي مخالف ڳالھ کان ڪٽجي ڪري پنهنجي دل، دماغ، اک، ڪن وغيره جو قبلو دين کي بڻايو! ته جيئن ڀٽڪجڻ جو امڪان ئي باقي نه رهي. (رازی، ملخصاً)
ميان محمد بخش رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
جَیْہَڑِیْ مِہْنْدِیْ رَنْگ نَا دَیْوَے کِی اُس دَا لَانا
سَوْہْنَے مِلَنْ ہَزَارَاں، اَسَاں نَئِیْں یَار وَٹَانا