Book Name:Rah e Najat
هي هڪ مثال آهي. مهندي لڳائڻ جو مقصد آهي ته رنگ اچي. جيڪڏهن مهندي جو رنگ ئي نه اچي ته ان کي لڳائڻ جو ڪهڙو فائدو...؟ ائين ئي جڏهن الله پاڪ صاف صاف فرمائي ڇڏيو:
وَ مَنْ یَّبْتَغِ غَیْرَ الْاِسْلَامِ دِیْنًا فَلَنْ یُّقْبَلَ مِنْہُ ۚ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ٻيو ڪو دين چاهيندو ته ان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو. (سيپارو: 3، آلِ عمران: 85)
يعني اسلام کان هٽي ڪري ڪنهن دين، ڪنهن مذهب، ڪنهن ڳالھ، ڪنهن نظريي، ڪنهن فلسفي جي جڏهن ڪا اهميت ۽ ويليو ئي ناهي، جڏهن اهو آخرت ۾ قبول ئي ناهي، نجات ڏئي ئي نه ٿو سگهي ته ان دين، مذهب، نظريي کي اپنائڻ جو ڪهڙو فائدو...؟ اسلام کان هٽي ڪري جيتوڻيڪ هزارين حسين ملن، اسان کي يار مٽائڻو ئي ناهي، يعني اسان کي ڪا ٻي ڳالھ نه ٻڌڻي آهي، نه ئي ان ڏانهن مائل ٿيڻو آهي. صرف اسلام...!! بَس ڳالھ ختم.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلھ ريشنَل اِزم (Rationalism يعني عقل پرستي) جو فتنو به نهايت عام آهي. هونئن ته هي تمام پراڻو فلسفو آهي. شايد ڪيئي ماڻهو هن فتني کان واقف ئي نه هجن پر هاڻي هن جا اثرات تمام عام ٿي رهيا آهن، جنهن کي ڏسو! پنهنجي عقل جي ڳالھ ڪندو آهي، ديني احڪام جي مقابلي ۾ پنهنجي سمجھ جي ڳالھ ڪئي ويندي آهي * ڪنهن کي وياج جو حرام هجڻ سمجھ ۾ نه ناهي ايندو * ڪو چوندو آهي: اسلام پردي جو حڪم ڇو ڏنو؟ * ڪو چوندو آهي: وراثت ۾ عورت جو اڌ حصو ڇو آهي؟ * ڪجھ نادان عورتن کي شڪايت هوندي آهي ته مرد کي حاڪميت ڇو ڏني وئي؟ *