Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

ورتي ويندي آهي؟ (نه ائين ناهي، ڪريم ڪجھ عطا ڪندا آهن ته واپس ناهن وٺندا، لهٰذا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! منهنجو ايمان سلامت رهندو)

ايمان جي بنياد عشق تي رکو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! انهن تفصيلن مان معلوم ٿيو: اسان جي دنيا جي بهتري، اسان جي آخرت جي بهتري الله ۽ رسول جي احڪام تي پڪو يقين رکڻ ۾ آهي. جيڪو الله ۽ رسول جي احڪامن تي پڪو يقين رکندو آهي، سمجھ اچن يا نه اچن، انهن فرمانن تي عمل ڪندو آهي، اهو دنيا ۾ به ڪامياب رهندو آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آخرت به بُلند رتبو ماڻيندو.

   ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي ايمان، پنهنجي عقيدي، پنهنجي نظريي بلڪه زندگي جي هر ڪم جي بنياد پنهنجي عقل تي نه بلڪه الله ۽ رسول جي احڪامن تي رکون.

   ۽ اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

وہ کہ اس دَر کا ہوا، خلقِ خُدا اس کی ہوئی

وہ کہ اس در سے پِھر اللہ اس سے پِھر گیا

لهٰذا هيڏانهن هوڏانهن جا ڌِڪا کائڻ کان بهتر بلڪه لازم ۽ ضروري هي آهي ته اسان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرامين کي دل ۽ جان سان تسليم ڪيون. بنياد عقل تي نه بلڪه عشق تي رکون.

عقل کو تنقید سے فرصت نہیں                                                               عشق پر اعمال کی بنیاد رکھ