Book Name:Rah e Najat
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڳالھ چڱي طرح ذهن ۾ ويهاريندا! جڏهن کان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اعلانِ نبوت فرمايو: تڏهن کان وٺي قيامت تائين نجات جو رستو صرف ۽ صرف اسلام آهي، ان کان علاوه هر اهو دين، مذهب، سوچ، نظريو جيڪو اسلام جي مخالف آهي، نه اهو قابلِ قبول آهي، نه ئي نجات ڏياري سگهي ٿو. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّبْتَغِ غَیْرَ الْاِسْلَامِ دِیْنًا فَلَنْ یُّقْبَلَ مِنْہُ ۚ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ٻيو دين چاهيندو ته اهو ان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو. (سيپارو: سورة آل عمران: 85)
خبر پئي: نجات ڏيارڻ وارو دين صرف ۽ صرف اسلام آهي. ان کان علاوه نجات جو ڪو رستو ناهي.
جيڪڏهن موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام به تشريف وٺي اچن
حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيرو مسلمانن جو ٻيو خليفو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، انهن جي هٿ ۾ اڳوڻي آسماني ڪتاب توريت شريف جو هڪ نسخو هو. پاڻ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ويهي ڪري تورات شريف پڙهڻ لڳا. هيڏانهن هي تورات شريف پڙهڻ ۾ مصروف هئا، هوڏانهن جلال سان محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهري جو رنگ تبديل ٿي رهيو هو. مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مصطفيٰ ڪريم جو جلال ڏٺو ته فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي فرمايائون: عُمر! نوراني چهرو ڏسو...!! فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جيئن ئي مصطفيٰ جي