Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

عقلمندي ۽ عقل پرستي ۾ فرق

 هي ڳالھ ياد رکو ته عقل مند هجڻ ٻي ڳالھ آهي، عقل پرست هجڻ ٻي ڳالھ آهي. عقل مند هجڻ ته تمام چڱي ڳالھ آهي، قرآن ۽ حديث ۾ عقل جون کوڙ فضيلتون بيان ٿيون آهن، ها! عقل پرستي درست ناهي. عقل مندي هي آهي ته ٻانهو الله ۽ رسول جي احڪام کي سمجهڻ جي لاءِ، پنهنجي دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون سوچڻ جي لاءِ، پنهنجي عقل استعمال ڪري جڏهن ته عقل پرستي جو مطلب آهي: الله ۽ رسول جي احڪام جي مقابلي ۾ پنهنجي عقل استعمال ڪرڻ. قرآن جيڪو ڪجھ چيو، ان کي مڃڻ جي بجائي، پنهنجي ناقص عقل جي زور تي اُن جو انڪار ڪري ڇڏڻ، هي عقل پرستي آهي ۽ هي نهايت ئي بُري شيءِ آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

هيومن اِزۡم (Humanism) بي عقلي جو تازو مثال

    اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ ڏسو! جيڪي بي دين آهن، جن جي دعوا آهي ته اسان الهامي هدايت (Divine Guidance) جي بغير به پنهنجي معاملن کي سنواري سگهون ٿا، جيئن هيومن اَزم (Humanism) آهي. الحاد آهي، ڊي ازم (Deism) وغيره آهي، انهن انسانن کي جانورن کان وڌيڪ اهميت ناهي ڏني. انهن جو مڃڻ آهي ته جهڙيءَ طرح ٻيا جاندار هن ڪائنات جو حصو آهن، اهڙيءَ طرح انسان به هن فطرتي ڪائنات جو هڪ حصو (Part of Natural world) آهي.

    هيءَ آهي عقل جي پهچ...!! اهي نام نهاد عقل مند جن جي دعوا آهي ته اسان کي دين جي ضرورت ناهي، اسان کي عقل ئي ڪافي آهي، هي انهن جي حالت آهي، اڃان تائين پاڻ کي ئي نه سڃاڻي سگهيا آهن، پاڻ کي هڪ جانورکان