Book Name:Rah e Najat
حديثِ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!*رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس*اَدَب سان ويهندس *بيان دوران سُستي کان بچندس*پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت ابراهيم آجري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، هڪ ڏينهن پاڻ تَندُور ٻاري رهيا هئا، ايتري ۾ هڪ غير مسلم اتي اچي ويو. پاڻ ان کي اسلام جي دعوت ڏيندي فرمايو: اَسْلِمْ فَلَا تَدْخُلُ النّارَ يعني مسلمان ٿي وڃ...!! جهنم جي باھ کان بچي ويندين. غير مُسلم چيو: جيتوڻيڪ اوهان مسلمان آهيو، ڪلمو پڙهندا آهيو، جڏهن ته! جهنم جي معاملي ۾ ته مان ۽ اوهان برابر آهيون، باھ ۾ ته اوهان کي به وڃڻو آهي، مون کي به وڃڻو آهي. اوهان جي ئي ڪتاب (يعني قرآنِ پاڪ) ۾ آهي: