Book Name:Rah e Najat
سمهڻ ۽ جاڳڻ جون سنّتون ۽ آَداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو شخص عصر کان بعد سمهي ۽ ان جو عقل هليو وڃي ته پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪري.[1]
اي عاشقانِ رسول! سمهڻ کان پهريان بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو تان جو ڪو موذي ڪيڙو وغيره هجي ته نڪري وڃي سمهڻ کان پهريان هيءَ دعا پڙهي وٺو:اَللّٰہُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَاَحْیَا. ترجمو: اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مرندو آهيان ۽ جيئندو آهيان (يعني سمهندو ۽ جاڳندو آهيان) ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي درميان سمهڻ مڪروه آهي منجهند جو قَيۡلوله (ٿوري دير ليٽڻ) مستحب آهي سمهڻ ۾ مستحب هي آهي ته باطهارت سمهي ۽ ٿوري دير ساڄي پاسي ساڄي هٿ کي رُخسار (يعني ڳلَ) جي هيٺيان رکي ڪري قبلي ڏانهن سمهي پوءِ ان کان بعد کاٻي پاسي تي سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اتي اڪيلو سمهڻو پوندو سواءِ پنهنجي اعمال جي ڪو گڏ نه هوندو سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول هجي تهليل ۽ تسبيح ۽ تحميد پڙهي (يعني لَآ اِلٰہَ اِلاَّ اللّٰہُ. سُبحٰنَ اللہ. ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو ورد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي رهي، جنهن حالت تي انسان هوندو آهي انهي تي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي قيامت جي ڏينهن انهيءَ تي اٿندو * جاڳڻ کان بعد هي دعا پڙهو:” اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ اَحْیَانَا بَعْدَمَآ اَمَاتَنَا،وَ اِلَیْہِ النُّشُورُ.“ ترجمو: تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان بعد زنده ڪيو ۽ انهي ڏي موٽي وڃڻو آهي جڏهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي عمر ڏھ سالن جي ٿي وڃي ته انهن کي الگ الگ سمهارڻ گهرجي بلڪ ان عمر جو ڇوڪرو ايتري وڏي (يعني پنهنجي